اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ??وم?? اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صدر وفاق جي علامت آ??ي. آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدر لاءِ ووٽ ڏنو آهي. اڳوڻي صدر پنهنجا اختيار وفاق ۽ صوبن کي منتقل ڪري ملڪ جي استحڪام لاءِ شاندار روا??ت قائم ڪئي. هن صدارتي چونڊ لاءِ پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ملڪ ۾ ??وم??، ثقافتي بين النسل هم آهنگي جي روايت جو امين ۽ علامت هوندو آهي. مضبوط صدر مضبوط پاڪستان جي ضمانت آ??ي. ان ڪري ايم ڪيو ايم آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدارتي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو زرداري اڳوڻي صدر طور پنهنجا اختيار پارليامنٽ ۽ صوبن کي ڏئي تاريخ لکي، جنهن سبب صوبن ۽ وفاق ۾ اعتماد ۽ استحڪام جو رشتو مضبوط ٿيو.