اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ ع??ائقي جي ترقي لاءِ گيم چي??جر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بيرڪ گولڊ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪيمشن محمد جهانزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ ع??ائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چي??جر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، بلوچستان ۾ معدنيات مان ڀرپور فائدو ??ڻڻ جي لاءِ مواصلات جي انفراسٽرڪچر، خاص طور تي ريلوي لائين جي حوالي سان منصوباسازي ڪئي ويندي. وزيراعظم بيرڪ گولڊ کي ب??وچستان ۾ معدنيات جي ٻين منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ضلعي چاغي ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت ۽ بيرڪ گولڊ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جن ۾ رستن ۽ مواصلات جي ب??تر نظام جا منصوبا پڻ شامل آهن. بيرڪ گولڊ وفد وزيراعظم کي ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ منصوبي جي فزيبلٽي هن سال جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي، ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ مقامي ۽ بلوچستان ڊوميسائيل جي ماڻهن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، بيرڪ گولڊ ڪارپوريٽ سماجي ذميواري تحت ريڪوڊڪ جي ويجهو ٽي اسڪولز قائم ڪيا آهن، بيرڪ گولڊ پاران هيستائين سئو ماڻهن کي فني تربيت فراهم ڪئي وئي آهي جن ۾ عورتون به شامل آهن.