تهران – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي دوري دوران مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير سميت هي??يڪاپٽر حادث?? جي شهيدن جي تعزيت لاءِ ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ويو. ان موقعي تي وزيراعظم جي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيراعظم علي اسدوو پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم باڪو ۾ ٿيندڙ 29 هي?? گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ڪامياب?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير ش??خ تميم بن حمد آل ثان?? جي وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپ?? جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپ?? جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي دور?? جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر جي مقرر ڪيل انتظامي اسيمبلي ”مجمع تشخيص مصلحت نظام“ جي ميمبر احمدي نزاد سان پڻ ملاقات ڪئي.