بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين صنعت، توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، صحت، ٽيليويزن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تع??ون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن جي تقريب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ عظيم عوامي هال ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منعقد ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پڻ موجود هئا. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ جن مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون انهن ۾ فلم ”ڪو – پروڊڪشن“ جو معاهدو، خبرن ۽ اطلاعات جي مٽاسٽا ۽ تع??ون جو معاهدو، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن، سي پيڪ ۾ ٿرڊ پارٽي جي حصيداري جي حوالي سان ضابطي ڪار، ڊيره اسماعيل خان – زوب قومي رستو 50 جي فزيبل??ي اسٽڊي جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن، مظفر آباد- ميرپور – منگلا ايڪسپريس وي جي فزيبل??ي اسٽڊي جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت، مانسهره – چلاس قومي رستو – 15 تي بابوسر واري جڳهه تي ٽنل جي تعمير جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن، ڪراچي – حيدرآباد موٽروي – 9 جي حوالي سان فزيبل??ي اسٽڊي، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ جي مفاهمتي يادداشت، 2022ع جي صنعتي تع??ون جي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ايڪشن پلان، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ سرويئنگ، ميپنگ ۽ جيو انفارميشن جي حوالي سان پروٽوڪول، زراعت جي شعبي ۾ تع??ون وڌائڻ تي مفاهمتي يادداشت، توانائي جي موثر مئنيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان اسٽڊي، هڪ هٺيءَ جي خا??مي ۾ تع??ون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت، گورننس جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، انڊسٽريل پارڪ جي تعمير جي حوالي سان ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، ستين جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي سي پيڪ تحت صنعتي شعبي ۾ تع??ون وڌائڻ جي اتفاق جي توثيق، پاڪ چين دوستي اسپتال، گوادر جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، گوادر ۾ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ جي پلانٽ جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي ٻيهر تعمير جو ليٽر آف ايڪسچينج، ليڊي هيلٿ ورڪرز ورڪ اسٽيشن جي منصوبي جو ليٽر آف ايڪسچينج ۽ جوناڪو ڪلٽيويشن ڊيمانسٽريشن اينڊ پروجيڪشن جي منصوبي جو ليٽر آف ايڪسچينج شامل آهن. معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پاڪستان پاران منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ صحيحون ڪيون.