اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري سان توانائي و??ري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن و??ري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر د??ام??ر ڀاشا ڊيم جي 1500 متاثرين کي في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه سومر ڏ??نهن ج??ري بيان موجب صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي گورنر ۽ گلگت بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن صدر کي علائقي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو هو ۽ صدر ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن جي خاطري ڪرائي هئي.