اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ٽي??س چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار ه?? پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڦٽين جي ٻج ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ تي وڌيڪ ٽي??س جو معاملو بحث هيٺ آيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪپهه جي صنعت سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪ جي ڏيهي معيشت ۾ ڪپهه جي صنعت جو سڀ کان وڏو ڪردار ??هي، ٽي??س چوري کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ ڦُٽين جي ڳٺڙين جي پيدوار ??ي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت ذريعي ڪاٽن ڪنٽرول ايڪٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ڪنداسين، ڪاٽن سيڊ ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ جي سيلز ٽي??س ۾ جنرز کي رليف ڏيڻ جي تجويز کي غور ه??ٺ آندو ويندو، نون ٽي??سن جو معاملو فنانس ڊويزن ۽ ايف بي آر ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويندو. ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد چيو ته ڳرن ٽي??سن سان ڪاٽن جننگ انڊسٽري جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، حڪومت ان انڊسٽري جي ترقي لاءِ نوان لاڳو ڪيل سيلز ٽي??س واپس وٺي، وڌيڪ ٽي??سن سبب ٽي??س چوري وڌڻ جو خدشو آهي. وفد جو چوڻ هو ته گذريل سيزن دوران ملڪ ۾ 8.4 ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون پيدا ٿيون، حوصلي واري پاليسي سان 20 ملين ڳٺڙيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.