اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرمعمولي برساتن ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفا??ت جي لاءِ قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ وارن علائقن مان ماڻهن کي وقت سر ڪڍڻ ۽ پاڻي جي نيڪالي يقيني بڻائڻ، طبي عملي، دوائن ۽ وقت سر علاج، ويڪسين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊ?? ا??م اي) کي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اين ڊ?? ا??م اي کي چئني صوبائي حڪومتن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ۽ گلگت بلتستان حڪومت جي مدد جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم اسلام آباد ج?? ا??تظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته پاڻي کي ڪڍڻ، شهرين جي سهولت لاءِ قدم ۽ صورتحال جي مسلسل مانيٽرنگ ڪئي وڃي. ادارا گڏيل عمل سان قدمن کي يقيني بڻائين. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ وارن علائقن مان ماڻهن کي وقت سر ڪڍڻ، پاڻي کي ڪڍڻ کي يقيني بڻائڻ، طبي عملي، دوائون ۽ وقت سر علاج، ويڪسين کي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم واٽر پمپس ۽ ٻي مشينري جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.