ڪراچي-29 جولاءِ (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ??وج?? وي??ج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽت??ئي ڪئي وئي آهي، وي??ج جي شرح 20.5 سيڪڙو کان 19.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. جون 2024ع ۾ ماهوار مهانگ??ئي جي شرح ۾ گهٽت??ئي کانپوءِ 12.6 سيڪڙو رهي جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 32 ڪروڙ 90 لک ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. ڪالهه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد نيوزڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ کي 30 جولاءِ 2024ع کان 100 بي پي ايس گهٽ ڪري 19.5 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جون 2024ع جي مهانگ??ئي اميدن کان ٿوري بهتر هئي. ڪميٽي ڪاٿو لڳايو ته مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ جي قدمن جو مهانگ??ئي تي اثر گهڻو ڪري گذريل توقعن ??وج?? آهي، پرڏيهي کاتو مسلسل بهتر ٿي رهيو آهي جيئن ته قرضن جي ادائيگي ۽ ٻين ذميوارين باوجود اسٽيٽ بئنڪ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي مان عڪاسي ٿي ٿئي. انهن حالتن ۽ ان سان نمايان طور تي مثبت حقيقي وي??ج جي شرح کي نظر ۾ رکندي ڪميٽي جو موقف هو ته مهانگ??ئي جي دٻاءُ کي ضابطي ۾ رکندي معاشي سرگرمي ۾ هٿي ڏيڻ لاءِ پاليسي ريٽ ۾ وڌيڪ گهٽت??ئي جي گنجائش آهي. ايم پي سي پنهنجي گذريل اجلاس کان هن وقت تائين ٿيل اهم اڳڀر??ئي جو ذڪر ڪيو. مالي سال 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو تيزي سان گهٽ ٿيو، اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان بهتري آئي ۽ هو 4.4 ارب ڊالرن کان بهتر ٿي آخر جون ۾9.0 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويا. پاڪستان آءِ ايم ايف سان لڳ ڀڳ 7.0 ارب ڊالرن جي اي ايف ايف پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن چيو ته هاڻوڪي هفتن ??وران تيل جي عالمي قيمتن ۾ لاها چاڙها رهيا، جڏهن ته ڌاتن ۽ غذ??ئي شين جي قيمتن ۾ نرمي آئي، مهانگ??ئي جو دٻاءُ گهٽ ۽ ليبر مارڪيٽ جون حالتون بهتر ٿيڻ سان ترقي يافته معيشتن ۾ مرڪزي بئنڪن به پنهنجي پاليسي ريٽس کي گهٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته هن اڳڀر??ئي جي بنياد تي ڪميٽي جو تجزيو هي هو ته اڄ جي فيصلي باوجود مهانگ??ئي کي 5.7 سيڪڙو جي وچولي مدي واري هدف طرف گامزن ڪرڻ لاءِ زري پاليسي موقف ڪافي سخت آهي، هي تجزيو هدف ??وج?? مالياتي هڪجهڙ??ئي جي حاصلات ۽ ڄاڻايل پرڏيهي رقم جي آمد ۽ سڌارن ذريعي معيشت ۾ لڪل ڪمزورين کي ختم ڪرڻ سان مشروط آهي. گاڏين ۽ پيٽروليم شيون فرنس آئل کانسوءِ وڪري ۽ ڀاڻ جو استعمال جون ۾ وڌيل رهيو، وڏي پئماني جون شيون ٺاهيون ويون، مئي 2024ع دوران تيزي سان بهتري آئي جنهن ۾ اهم ڪردار تيار ٿيل ڪپڙن جي شعبي جو آهي، زرعي شعبو مالي سال 2024ع ۾ مستحڪم ڪارڪردگي ڏيکاري. جون 2024ع ۾ عمومي مهانگ??ئي وڌي سال به سال 12.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جيڪا مئي ۾ 11.8 سيڪڙو هئي.زري پاليسي ڪميٽي جي ڪاٿي ??وج?? جيتوڻيڪ مالي سال 25ع جي بجيٽ جي مهانگ??ئي جا اثر وڏي حد تائين اميدن ??وج?? هئا، جيتوڻيڪ موجود معلومات مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن قدمن جا اثر ملڪي قيمتن ??ي مڪمل طور ظاهر ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳي سگهي ٿو.