اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽر??شي?? اسڪاٽ لينڊ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سندس عزم ۽ محنت تي ”ڪامن ويلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن“ جو ايوارڊ ڏنو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي قدمن جي نمائش جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽر??شي?? اسڪاٽ لينڊ چيو ته راڻا مشهود نوجوانن کي موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۽ مختلف قدمن ۽ پروگرامن ذريعي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قدم ۽ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس خدمتن جو اعتراف ??ندي هن راڻا مشهود جو ڪامن ويلٿ جي روايتن مطابق ٽي ڀيرا ٿورو م??يو. هن چيو ته دولت مشترڪه پ??ڪستان جي نوجوانن لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام ٽيم جي همٿ ۽ عزم جو اعتراف ??ري ٿو ڇو جو نوجوان ئي تبديلي آڻڻ جا محرڪ آهن. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل بٽڻ دٻائي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي 6 قدمن جو افتتاح ڪيو جن ۾ ڪامن ويلٿ ا??شي?? يوٿ الائنس، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، قومي رضاڪار ڪور لاءِ لوگو، برٽش ڪائونسل ۽ انٽيل ڪارپوريشن جي سهڪار سان اي آءِ ايجوڪيشن پروگرام ۽ ڪامن ويلٿ يوٿ پارليامينٽري فورم قائم ڪرڻ شامل آهن.