اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ا??را?? ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت تي انهن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ ??و اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ا??را?? جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي زاهدان ۾ پاڪستان جي قونصلر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميوار?? ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته هو زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدارن سان به رابطو ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائڻ ??و انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن ما?? اڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ميتن جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستان جو سفير ۽ زاهدان جو قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ ا??را??ي عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمين جي علاج ۾ سهولت فراهم ڪئي وڃي.