اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ??ورٽ، پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي محفوظ ڪيل پنهنجو فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ??ورٽ پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جو 12 جون 2024ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي چيف ??سٽ?? قاضي فائز عيسيٰ محفوظ ڪيل فيصلو سومر ڏينهن عدالت ۾ پڙهي ٻُڌايو ۽ چيو ته اهو 5 رڪني بينچ جو گڏيل فيصلو آهي، جڏهن ته ??سٽ?? جمال خان مندوخيل ۽ ??سٽ?? عقيل عباسي جو اضافي نوٽ به شامل آهي. چيف ??سٽ?? قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ ۾ ??سٽ?? امين الدين خان، ??سٽ?? جمال خان مندوخيل، ??سٽ?? نعيم اختر افغان ۽ ??سٽ?? عقيل احمد عباسي شامل هئا. سپريم ??ورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ گڏيل فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته ??سٽ?? جمال خان مندوخيل ۽ ??سٽ?? عقيل عباسي فيصلي سان اتفاق ڪندي اضافي نوٽ پڻ لکيو. سپريم ??ورٽ 12 جون وارو ججز ٽربيونل مقرري جو ر??سٽ??ار هاءِ ڪورٽ جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو. سپريم ??ورٽ جي چيف ??سٽ?? قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽڪراءُ جڏهن آئيني ادارن وچ ۾ هجن ته محتاط رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، لاهور ڪورٽ جو فيصلو عدالتي حوالي سان ڪنهن فورم تي پيش نٿو ڪري سگهجي. ??سٽ?? جمال خان مندوخيل پنهنجي اضافي نوٽ ۾ لکيو ته ايڪٽ جو سيڪشن 140 اليڪشن ڪميشن کي ججز پينل طلب ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي، پارليامينٽ جي ان قانون ۾ سوچ واضح آهي جڏهن ته پارليامينٽ اليڪشن ڪميشن کي ججز جو پينل گُهرڻ ۽ انهن مان چونڊ ڪرڻ جو اختيار ناهي ڏنو. اضافي نوٽ ۾ لکيو ته اليڪشن ڪميشن کي هر جج تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن هڪ ٽربيونل لاءِ هڪ ئي جج جي نالي جو مطالبو ڪري سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو ۽ ججز آئيني عهديدار آهن، هر معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ ججن کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي. ??سٽ?? جمال خان مندوخيل اضافي نوٽ ۾ لِکيو ته هاءِ ڪورٽ جي چيف ??سٽ?? ۽ ڪميشن جي مشاورت جو نتيجو اسان آڏو اتفاق جي صورت ۾ آيو. اميد آهي ته هاڻي اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جي جوڙجڪ لاءِ قدم کڻندي ۽ اميد آهي ته اليڪشن ٽربيونلز قانون جي ڏنل مهلت ۾ فيصلا ڪندا. سپريم ??ورٽ ڄاڻايل ڪيس جو لکت ۾ فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو11 صفحن تي مشتمل آهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ جي شقن جي غلط تشريح ڪئي، اليڪشن ڪميشن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ آئين ۾ ترميم ??ان اڳ عدالتي فيصلن تي ڀاڙيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن موجب چيف ??سٽ?? لاهور هاءِ ڪورٽ سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ چيف ??سٽ?? ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ۽ چيف ??سٽ?? وچ ۾ معاملو حل ٿي ويو، ڪيس جي فيصلي جي ضرورت ناهي.