اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا پاڪستا?? کي نهري پاڻي جي ورڇ تي تحقيق واري منص??بي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏينهن اقتصادي معام??ن واري وفاقي وزير احد چيمه جي منظوري کان پوءِ اقتصادي معام??ن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز آسٽريلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سان معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد موسمياتي مناسبت جي لحاظ کان پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي موجب آسٽريليا پاڪستا?? کي ان منص??بي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پنجن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان ۾ نهري پاڻي جي و??ها??ت ۽ طريق?? کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ آسٽريلوي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.