اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس جي ميزباني پاڪس??ان جي لاءِ عالمي سطح تي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي، ايس سي او پليٽ فارم ??ان پاڪس??ان کي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبي ۾ نو??ن موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي چين ۽ روس جهڙن ملڪن سان تعاون جا رستا کلي سگهن ٿا. اجلاس جي ميزباني سان پاڪس??ان جي عالمي سطح تي مقبوليت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو ٻين ميمبر ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ايس سي او جي پليٽ فارم علائقائي امن ۽ استحڪام کانسواءِ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي سطح تي مثبت تاثر پاڪس??ان پاران هڪ ڪامياب ميزباني عالمي سطح تي ان جو مثبت تاثر قائم ڪري سگهي ٿي جنهن سان عالمي تنظيمن ۽ ملڪن جي وچ ۾ ان جي حصيداري کي فروغ ملي سگهي ٿو. اجلاس جي ميزباني سان پاڪس??ان کي سفارتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ٿو. اهڙا موقعا ملڪن جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. هي پاڪس??ان جي ترقي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نادر موقع?? آهي. سڄي دنيا جو ڌيان پاڪس??ان تي آهي ۽ ان موقعي سان وڏا وڏا ملڪ پاڪس??ان کي فخر جي نگاهه سان ڏسندا. هن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت، پاڪس??ان ۽ وچ ايشيائي رياستون شامل آهن جيڪي عالمي سياست ۽ معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.