اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪرغزستان سان تعاو?? کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جي خواهش جو ا??ها?? ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظ??م جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظ??م جي اجلاس ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڪرغزستان پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.
وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي اطمينان جو ا??ها?? ڪيو. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان سان تعاو?? کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جي خواهش جو ا??ها?? ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. زاپاروف اڪيل بيڪ پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظ??م جي حڪوم??ي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ گڏ ئي دوري تي آيل وفدن جي شاندار استقبال، بهترين انتظامن ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ڪرغزستان جي پاڪستان تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو ا??ها?? ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهبو.