رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سعودي ع??ب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. رياض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز رياض پهچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. سعودي ع??ب ۾ پاڪستان جو سفير احمد فاروق ۽ پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ رياض هوائي اڏي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم رياض ۾ 19 کان 31 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽ??ين?? انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ متوقع آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهن.