رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي ۽ وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنهنجي وف?? سان گڏ سعودي عرب جي و??ي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو. ملاقات دوران انهن جي مهمان نوازي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي ۽ وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. ملاقات دوران نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه دوران اسان ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪ سعودي عرب لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپا?? ۽ ??يڙپڪاري، ثقافت، ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.