اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ??سٽ??ڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ??رڻ تي سڄي قوم کي مبارڪبا?? ڏيندي چيو آهي ته ??سٽ??ڪ ايڪسچينج جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس عبور ??رڻ حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، انت??ار?? ٽولي جي ويندي ئي مثبت رجحان واپس آيو، ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ??يل ڪرڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان سنگ ميل کي عبور ??رڻ تي حڪومتي معاشي ٽيم ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مصروف عمل عملدارن کي خراج تحسين ڪندي چيو ته مُون پنهنجي قوم سان وچن ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس. هن چيو ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي قرباني ضايع نه وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ??يل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، وياج 15 سيڪڙو تي ۽ مٽ??سٽ?? جو ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي ويا هئا، وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ائين ئي محنت ڪندا رهنداسين ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن کي پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.