اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ??يو آهي، ته دنيا جي 90 سيڪڙو واپار شپنگ انڊسٽري ذريعي ٿيندو آهي، ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ نئين شپنگ پاليسي آ??ي رهيا آهيون. انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير، هانگ ڪانگ ۾ انٽرنيشنل چيمبر آف شپنگ جي انتظام هيٺ گلوبل ميري ٽائيم ٽريڊ سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير انٽرنيشنل چيمبر آف شپنگ جي چيئرمين ايمينوئل گريملدي ۽ هانگ ڪانگ جي ٽرانسپورٽ اينڊ شپنگ ڊپارٽمينٽ پاران سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي ٿورو مڃيو. وفاقي وزير ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ??يو ته دنيا جو 90 سيڪڙو واپار جو دارومدار شپنگ انڊسٽري تي آهي. پاڪستان جي بندرگاهن کي اسان ڪافي حد تائين بهتر ڪيو آهي. ان ئي بهتري سبب ميرسڪ لائين، ميڊيٽرينين شپنگ ڪمپني، هجي سن ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر ۽ شپنگ انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن. وفاقي وزير ٻين عالمي شپنگ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. اسان جي جاگرافيائي بيهڪ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، ان ذريعي چين، وچ ايشيائي ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ آسانيءَ سان واپاري سامان پهچائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير ??يو ته پورٽ قاسم ۽ گوادر جي اونهين بندرگاهن ۾ هينڊلنگ جي ڪافي گنجائش موجود آهي پر، چر پر ان جي اڌ کان به گهٽ آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ويجهو دبئي، جبل علي ۽ سلاله پورٽس ڪافي مصروف آهن. وفاقي وزير ??يو ته گوادر پورٽ تي تيزي سان ڪم جاري آهي، اميد اهي ته جلد مڪمل طور آپريشنل ٿي ويندو. تازو ئي وفاقي ڪابينه هدايت ڪئي آهي ته 50 سيڪڙو واپار ان بندرگاهه ذريعي ڪيو ويندو. هي بندرگاهه واپار لاءِ چين، روس، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. هن خطاب ڪندي ??يو ته اسان عالمي سامونڊي تنظيم جي معيار مطابق پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر کي ماحول دوست بڻائي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن ۾ شا??ل آهي جڏهن ته اسان موسمياتي تبديلي سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شا??ل آهيون. ان باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته ڪاربن کان پاڪ جهازن ڏانهن منتقل ڪري ڊي ڪاربنائيزيشن پاليسي تي عمل ڪيون. هن ??يو ته تازو ئي پاڪستان هانگ ڪانگ ڪنوينشن تي به صحيحي ڪئي آهي، اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته ان معاهدي تحت شپنگ انڊسٽري کي گرين انرجي تي منتقل ڪيون ته جيئن گدلاڻ گهٽ کان گهٽ هجي. هن اهو به ورجاءُ ڪيو ته هلندڙ سال يا ايندڙ سال جي شروع ۾ نئين ميري ٽائيم پاليسي آ??ي رهيا آهيون. ان پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪنداسين.