اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي ??و رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 813.52 پوائنٽس جي واڌ بعد 100082.77 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي م??يشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏ??ندي پاليس??ن جي تسلسل ۽ معيشت جي بهتري لاءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 450 ڪمپن??ن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپن??ن جي شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 117 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپن??ن جي شيئرز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طور تي 1164.79 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي م??ليت 39.77 ارب روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 160.90 پوائنٽس جي اضافي بعد 31193.28 پوائنٽس ۽ اسلامي م??ليات جي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2437.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 147220.79 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ارب روپ??ن جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اقتصادي م??هرن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي م??يشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت قرار ڏ??و آهي.