ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روس جي هم منصب ۽ ملڪ جي هيٺين ايوان اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وڪٽورووچ سا?? ملاقات ??ئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. سردار اياز صادق اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي روس جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي ان جو ٿورو مڃيو. اسپيڪر سردار اياز صادق ايندڙ اسپيڪر ڪانفرنس ماسڪو ۾ ڪرائڻ جي تجويز پڻ ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر جي تجويز سان اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ آئنده اسپيڪر ڪانفرنس ۾ واپاري برادري کي به دعوت ڏيڻ جو چيو. اسپيڪر ڪانفرنس جو آئنده اجلاس 2025ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻ?? ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. روس جي اسٽيٽ ڊوما ۽ پاڪستان جي قومي اسي??بل?? وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر ۽ اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻنهي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ۽ سندس وفد پاران والهاڻو استقبال ڪرڻ ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر پنهنجي روس جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين اسپيڪر جي دعوت قبول ڪندي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪستان جو پارلياماني وفد ۽ اسٽيٽ ڊوما جا ميمبر به موجود هئا. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين اسٽيٽ ڊوما آمد تي اسپيڪر ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪيو.