اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته گذريل ڏينهن 3 ڊسمبر تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب ??رار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ حج درخواستون جمع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائين سبب ڀلي پار ويندڙن جي درخواست تي درخواستن تي وصوليءَ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڀلي پار ويندڙن کي خوشخبري ڏني آهي ته 3 ڊسمبر تائين حج درخواستون جمع ڪرائيندڙ سمورن اميدوارن کي ڪامياب ??رار ڏنو ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول ٿيل درخواستون به ڪامياب ??رار ڏنيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم ۾ درخواستون هاڻ 10 ڊسمبر تائين نامزد بئنڪن ۾ ج??ع ڪرائي سگهبيون، ڪوٽا کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻا ڪڍيا ويندا. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني 10 ڊسمبر تائين اسپانسرشپ جي رقم لازمي جمع ڪرائين، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول درخواستگذارن کي بنا ڪُڻن جي ڪامياب ??رار ڏنو ويندو. وزارت جي ويب سائٽ تي آن لائ?? پورٽل ذريعي گهر ويٺي حج درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ڀلي پار ويندڙ کي نين هدايتن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.