اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ حڪومت کي سپريم ڪور?? جي اجازت کانسواءِ قومي فضائي ڪمپني پي آء?? اي جي نجڪاري کان روڪڻ جو پنهنجو اڳوڻو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن پي آء?? اي جا وڌيڪ شيئرز سستن اگهن تي وڪرو ڪرڻ جي خبرن تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار نجڪاري جي عمل کي روڪڻ جي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ پي آء?? اي جي وڏن نقصانن جي سببن جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. حڪم نامي ۾ حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته سپريم ڪور?? جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ پي آء?? اي جي نجڪاري کي اڳتي نه وڌايو وڃي. تنهن هوندي به سپريم ڪور?? جي آئيني بينچ ڪالهه هڪ مختصر ٻڌڻي ۾ پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو، جنهن سان قومي ايئر لائن جي نجڪاري ڪرڻ جي حڪومتي منصوبي جي راهه هموار ٿي وئي.