ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ملتان طاهر وٽو ??يو آهي ته 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ريليون ڪڍيون وينديون، ضلعي انتظاميا 14 آگسٽ ڏهاڙي جون هفتيوار تقريبون ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ضلعي کاتن کي تقريبن جو اهتمام ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رضوان نذير بريفنگ پڻ ??ني. ڊپٽي ڪمشنر طاهر وٽو ??يو ته 14 آگسٽ تي آرٽس ڪائونسل ۾ قومي سطح جو مشاهرو ڪرايو ويندو جنهن ۾ مل?? جي ناليوارن شاعرن کي گهرايو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر ??يو ته ميراٿن ڊوڙ، سائيڪل ريست س??يت مختلف مقابلا پڻ جشن آزادي تقريبن جو حصو هوندا.