اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران عمران خا?? جي جذبي کي ساراهي، جنهن تاريخ ۾ خود احتسابي جو روشن مثال قائ?? ڪيو، حڪومت تي وار ڪرڻ بدران مخالف ڌر کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو، انهن جي تاريخ مفادن جي ٽڪراءُ سان ڀريل آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قوم اهو وقت نه وساريندي جڏهن پٽ پيءُ کي، چاچو ڀائٽيي کي ۽ صد?? انور مجيد کي سبسڊي ڏيندو هو، چٽاڀيٽي ڪميشن جهڙو ادارو انهن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل هو، اتي اهو شخص مقرر ٿيندو هو جيڪو ان مافيا جي مفادن کي تحفظ ڏيندو هو، 6 خا??دان 50 سيڪ??و کان وڌيڪ کنڊ تي ڪنٽرول ڪندا هئا.