اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي ??ي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وا??ڊا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 20 – 2019ع ۾ 20 سيڪڙو هائيڊل بجلي پيدا ڪئي آه??. پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته داسو، مهمند ۽ ديامير ڀاشا ڊيمن جي تعمير سان هائيڊل صلاحيت ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي مهانگي برآمد ??يل ٿرمل ٻارڻ بد??ان مقامي قابل تجديد توانائي تي دارومدار ڪرڻ جي ضرورت آهي.