اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)پرڏ??هي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي ت??ريخي دوستي وارن ?? ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. افغانستان ۾ ڪو به گروهه اسان جو فيورٽ ناهي، اسان سڀني سان هڪجهڙي سلوڪ ۽ ورتاءَ جا حامي آهيون. اهڙو اظهار هن افغان وولسي جرڳي جي اسپيڪر مير رحمان رحماني جي قيادت ۾ افغان پارلياماني وفد سان پرڏ??هي وزارت ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفن، پارلياماني، ملڪي لاڳاپن، گڏيل واپار ۽ خطي جي معاشي صورتحال تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي وئي.