صدر پاران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ ملڪ ۾ گڏيل احترام ۽ سياسي مفاهمت جي فضا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور

image

اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ ملڪ ۾ گڏيل احترام ۽ سياسي مفاهمت جي فضا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات جي موقعي تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته قائدين جي ويزن موجب گڏيل احترام ۽ سياسي مفاهمت جي فضا کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ناممڪن نه آهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بامعنيٰ ڳالهيون ۽ پارلياماني اتفاق راءِ گهربل آهي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں