اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي ته محمد نواز شر??ف جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي عبوري فيصلي جي خلاف اپيل داخل نه ڪئي ويندي جڏهن ته ميرٽ جي بنياد تي ڪيس جي فيصلي تي حڪومت اپيل ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وز??راعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شر??ع ٿيڻ تي وز??راعظم معاشي انگن اکرن ۾ بهتري تي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني.