ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چ??و آهي ته سي پيڪ جي قرضن جي حوالي سان آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس و??لز جي بيان ته سي پيڪ قرضن جي ڪري پاڪستان جي ترقي محدود ٿي ويندي، حقيقت جي منافي آهي، هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر آهي جڏهن ته چين جو قرض 18 ارب ڊالر آهي، چين جو مجموعي قرض پرڏيهي قرضن جي هڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چين کان ورتل قرض نه فقط وياج جي گهٽ شرح تي آهي پر ڊ??هي مدي وارو به آهي، سي پي?? جو قرض مجموعي قرض جو 7 سيڪڙو آهي، سي پيڪ تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگار ملندو، وزيراعظم عمران خان جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي ??ال??سي ۾ پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رک??و آهي، چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي پيڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آمريڪا سوڌو دنيا جو ڪو به ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس و??لز پاران سي پيڪ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.