راولپنڊي – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي متوازن حڪمت عملي سان ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته ملڪي معيشت جي ڪجهه اه?? شعبن کي کولڻ سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا به ملندا، عوام موجوده چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊسپلين جو مظاهرو ڪري ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، اسان جي قوم ماضي وانگر هن آ??مائش مان سرخرو ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. ??يلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر غريب ۽ پورهيت طبقي جي لاءِ رمضان رليف پئڪيج جو اهتمام ڪرڻ تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نيڪ ڪمن جي تشهير سان ماڻهن ?? اميد پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن کي خبر پوي ٿي ته انهن جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.