اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته حفاظتي تدبيرون اختي??ر ڪرڻ جي حوالي سان موثر عوامي آگاهي ??هم کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاقات دوران ڪئي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اطلاعات واري وزارت پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوامي آگاهي ??هم خاص طور تي رمضان مهيني ۾ حفاظتي تدبيرون اختي??ر ڪرڻ جي حوالي سان عوام کي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان جوڙيل ح??مت عملي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.