اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران اسلامو فوبيا جي تدارڪ کي اولين ترجيح قرار ڏيڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اها اسان جي موقف جي فتح آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا کي مسلمانن سان ڳنڍڻ نفرت تي ٻڌل ڀارتيه جنتا پارٽي جي سوچ جي عڪاسي آهي.