اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجوده حڪومت ??عم??راتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ ۾ ??عم??رات ۽ ان سان واڳيل صنعتن جي فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري ??يغ??م موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي ??عم??راتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مرلي جي گهر تي رڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي گهر تي رڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا ??عم??راتي شعبي جي لاءِ رکيا ويا آهن. ??عم??راتي پئڪيج سان نه رڳو عام ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پر ملڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو انگ اهڙو آهي جنهن جو دارومدار ??عم??راتي شعبي سان واڳيل آهي.