اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون پيش ڪرڻ اسان جي ذميداري ??هي?? عمران خان جي جدوجهد خاص مقصد جي لاءِ هئي، مفاد پرستي ۽ ڪرپشن جي سياست آخري ساهه کڻي رهي ??هي?? عوام کي رليف ڏيڻ سڀني کان اهم حڪومتي ترجيح ??هي?? ٺوس قدمن سان مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿيا ويا آهن، پاڪستان کي ترقي ڏيڻ جو عمل شروع ٿي چڪو ??هي?? وزيراعظم عمران خان نئين نسل جي مستقبل جو امين ??هي?? ميڊيا تي نه ڪا پابندي آهي ۽ نه ئي بندش لڳائڻ جي ڪا خواهش، معاشي حالتن جي بهتري جا ثمر ميڊيا کي به منتقل ٿيندا، روانگي واپار ۾ اضافي سان موقعا به وڌاندا، گذريل حڪومت مصنوعي طريقي سان ڊالر جي قيمت کي ڪنٽرول ڪيو۽ ان مد ۾ 6 ارب ڊالر خرچ ڪيا. خميس ڏينهن هتي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پارلياماني معاملن و??ري مملڪتي وزير علي محمد خان، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، واپار واري وزير، واپار واري وزير عبدالرزاق دائود، موسمياتي تبدلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين سان گڏ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ٽئين ڏينهن پريس ڪانفرنس ک?? خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جنهن عزم سان اسان جي ٻه سالا ڪارڪردگي کي ٻڌو ۽ وفاقي وزيرن طرفان پيش ڪيل ڪارڪردگي کي ڪوريج فراهم ڪئي، هن چي?? ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته سمورا ڪابينا جا ميمبر هتي پيش ٿين ۽ پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل وزارت جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪن، ڊگهي ويهڪ سبب صحافين جا سوال به ورتا ويا پر انهن ۾ ڪجهه ڇڪ رهي جنهن جي لاءِ هڪ ميڪنزم ۽ ٽائيم شيڊول جاري ڪنداسين ته جيئن لاڳاپيل وزارتن جي بيٽ رپورٽرز پنهنجي لاڳاپيل وزيرن کان جواب طلب ڪري سگهن.