اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت جي خ??تمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ??ان??ه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي جي آخري 15 ڏينهن بايوميٽرڪ تصديق ۾ ??اڪ??مي کي منهن ڏيندڙ صارفين جي سهولت لاءِ نئون ويب پورٽل کوليو ويو آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر ??ان??ه نشتر چيو ته اهي صارفين احساس ويب پورٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري سگهن ٿا، احساس ايمرجنسي ڪيش تحت ريگولر ادائيگيون 15 سيپٽمبر 2020?? تي بند ٿي چڪيون آهن، اهي اصل صارف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي تصديق جا مسئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020?? تائين جاري رهنديون، اهي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي رقم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020?? تائين جاري رهنديون.