اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن صدرن ۽ وز??راعظمن تي ٿيل خرچن ۽ مراعاتن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي نتيجي ۾ صدر ۽ وز??راعظم کي رڳو هڪ ڪئمپ آفيس رکڻ جي اجازت هوندي، وفاقي ڪابينا نوان گيس ٽرمينلز قائم ڪرڻ ۽ گئس جي پهچ جي لاءِ نئين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ رائٽ آف وي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪابينا اين آءِ ٽي بي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ??جو??زون اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر ??ين??ٽر شبلي فراز وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا موٽروي سانحي جي مرڪزي جوابدار جي گرفتاري تي پنجاب حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.