اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علائقائي واپار جي فروغ ۽ گوادر بندرگاهه سان گ??گت بلتستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، جي بي ۾ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي جي ترقي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي لاءِ قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گ??گت بلتستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گ??گت معاملن وارو وفا??ي وزير علي امين گنڊاپور، گ??گت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر سيد امجد علي زيدي ۽گ??گت بلتستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به موجود هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گ??گت بلتستان کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. گ??گت بلتستان بي پناهه قدرتي حسن جو مالڪ آهي، سياحت جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته گ??گت بلتستان ۾ تازيون چونڊون شفاف انداز ۾ منعقد ٿيون، گ??گت بلتستان ۾ فور جي سهولت ۽ انٽرنيٽ جي فراهمي لاءِ فنڊز جلد مهيا ڪنداسين. هن چيو ته آن لائن تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون خ??م ڪرڻ لاءِ بنيادي انفرااسٽرڪچر جلد تعمير ڪي?? ويندو.