لاهور – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسانيت جي خ??مت ڪندڙ ماڻهو تمام عظيم آهن، هتي اچي خ??ر پ??ي ته فائونٽين هائوس دنيا جي بهترين ادارن مان هڪ آهي، اهڙي طرح جي ادارن ۾ اچي دلي سڪون ملي ٿو ۽ حقيقي خوشي ملي ٿي، معاشري جي محروم ماڻهن کي ڪارا??تو شهري بڻائڻ تمام وڏي خ??مت آهي، دنيا ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جو شڪار آهن، ڪوشش آهي ته هڪ ڪال سينٽر قائم ڪريان جتي ڊپريشن ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ماڻهن کي فون ڪالز ذريعي سڪون ۽ آرام حاصل ڪرڻ بابت مشورا ڏنا وڃن، ڊبليو ايڇ او جي طرز تي اسلام آباد ۾ اسڪول ٽيچرز جي مدد سان ٻارن ذريعي ڊپريس والدين جو علاج ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. هو فائونٽين هائوس ۾ ورلڊ سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي اهتمام ه??ٺ آٽزم اينڊ چائلڊ سائيڪاٽري ڪانفرنس کي خ??اب ڪري رهيو هو.