اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏ??ل مفادن واري ڪائونسل جو 42 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏ??ل مفاد واري ڪائونسل پيٽروليم واري وزارت کي ذميوار?? ڏني ته صوبن کي ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پاڻي وسي??ن واري وزارت کان پنجاب حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏ??ل مفادن واري ڪائونسل تجويز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پنجاب حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا ان ڏس ۾ طريقيڪار ۽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن جي مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو ته موجوده انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن، استادن ۽ شاگردن کي وف??قي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن کي منتقل ڪيو وڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وف??قي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تيار ڪري گڏ??ل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.