اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ??اب??نا زائرين جي سهولت جي فيري سروس شروع ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر لاءِ ڪيپيٽل ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ اسلام آباد جي مختلف زونز ۾ غير قانوني سوسائيٽيز ۾ ٿيندڙ تعميرات، گئس ۽ بجلي جي ڪنيڪشن تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽين جي قيام ۽ بهترين ڪارڪردگي تي بيت المال جي ايم ڊي جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيپرا سالياني رپورٽ ??اب??نا کي پيش ڪئي جنهن موجب گ??ٽ ڪارڪردگي وارن پاور پلانٽس کي بند ڪيو پيو وڃي، ??اب??نا تازين برساتن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان خاص طور تي سنڌ ۾ ٿيندڙ تباهڪارين ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ذميداري سونپي آهي ته صوبائي حڪوم??ن سان گڏجي ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ نقصانن جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن متاثرين کي رليف جي فراهمي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي سگهجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ??اب??نا جي اجلاس ک??نپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??اب??نا اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ ڪراچي جي مسئلن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي مدد تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي ملڪي معيشت جي لاءِ انجڻ آف گروٿ جو ڪردار ادا ڪري ٿو، هن چيو ته ڪراچي جي ترقي ملڪ جي ترقي آهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت ڪراچي جي مسئلن جي حل جي ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.